سنڌ سڀا

سنڌ سڀا (تنظيم): هي سنڌ جي پهرپن سياسي تنظيم آهي، جيڪا 1881ع ۾ وجود ۾ آئي. هي سياسي تنظيم ان زماني ۾ ٺهي، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ سياسي چرپر ۽ عمل توڙي اوسر اڃا ابتدائي مرحلن ۾ هئي. هن تنظيم سرڪار جو سنڌ جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو. هن تنظيم ۾ ساڳئي ئي وقت هندو، مسلمان، پارسي ۽ عيسائي مذهبن سان لاڳاپيل ماڻهو شامل هئا، جڏهن ته ڏيارام ڄيٺمل، جيڪو سنڌ جو ناميارو قانوندان هو، سو هن تنظيم جو روح روان هو، جڏهن ته سرڪاري ڪامورا ۽ آفيسر پڻ سرگرم ڪارڪن هئا، جن ۾ اڌارام مولچند، جشينجي نادر، فتح چند آتمارام، شريف صالح محمد، ايف ڪوڪ، ايڊلجي ڊنشا، ايم. ايم. مورج ڀان، اين گپتا، دولترام ڄيٺمل، حسن علي آفندي، ساڌو هيرانند، ڏيارام گدو مل، فتح علي ۽ ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري شامل هئا.
سـنـڌ سطـح تي پهرين سياسي ۽ غير سياسي مذهبي تنظـيـم ٺاهڻ جو خيال خانبهادر حسن علي آفنديءَ کي آيو، پاڻ ۽ سندس ڪجهه ساٿين ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اندرين علائقن مان ڪجهه ماڻهو گڏ ڪري هڪ اجلاس ڪوٺايو، جنهن جو نالو ’انجمن اسلام‘ رکيو، پر صدارت جي اختلاف سبب هيءَ تنظيم ٺهي نه سگهي، لارڊ رپن جـڏهن هندستان جو وائسراءِ مقرر ٿيو ته ’انڊين نيشنل ڪانگريسان پسمنظر ۾ ظاهر ٿي.
هن ئي ڏهاڪي ۾ ’پونا سروجنيڪا سڀا‘ پڻ ماڻهن کي گهڻو متاثر ڪيو، ان سنڌ جي نئين فڪر ۽ سوچ تي اثر ڪيو، سنڌ جي هندن، خاص طرح ڪراچيءَ ۾ ويهي جديد سنڌ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ هندو ۽ سک مذهبي طور پنجاب جي گهڻو ويجها هئا ۽ مٿان وري سنڌ ۽ بمبئيءَ کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويو ته اها ڳالهه هنن کي ناپسند هئي ۽ سک کين پنهنجي حلقي ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ سنڌ جي الڳ صوبائي حيثيت نه هئڻ ڪري مقامي ماڻهن کي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو به ڪو موقعو نه ملي سگهيو. اهڙيءَ حالت ۾ پڙهيل لکيل طبقي جنهن ۾ هندو مسلمان گڏ هئا، سنڌ جي جدا ثقافت ۽ سياسي حيثيت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن جو آئيـن اهـو هـو ته سنڌ جي اهڙي الڳ تشڪيل ٿئي، جيڪا کين ڪل هند شعوري وهڪري سان گڏ وٺي هلي. اهڙيءَ صورتحال ۾ ’سنڌ سڀا‘ سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم طور ظاهر ٿي هئي. هن تنظيم جي ٺهڻ ۾ مسٽر ارسڪن ڪمشنر جو عمل دخل به هو.
1884ع ۾ ’سنڌ سڀا‘ جي عروج کي ڏسندي سنڌ سرڪار پنهنجي اخبار ’سنڌ سُڌار‘ انهيءَ شرط تي سندن حوالي ڪئي ته تعليم کاتي جي خبرن کي صحيح طريقي سان ڇاپيو وڃي، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند مقرر ٿيو، تنهن کانپوءِ انگريزي اخبارسنڌ ٽائيمز‘ به هن تنظيم جي حوالي ٿي، جنهن سنڌ سميت پوري هندستان ۾ مشهوري ماڻي. سنڌ سڀا هن اخبار ذريعي سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪامورا شاهي ءَ جي ظلمن خلاف راشي عملدارن ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ سرڪاري اهلڪارن جي ڏاڍاين ۽ تعليم جي کوٽ خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ آواز اُٿاريو.
ساڳيو سال سنڌ توڙي هندستان جي سياست جي حوالي سان اهم هو، ڇو ته سر لارڊ رپن (80- 1984ع) هندستان جو وائسراءِ هو، تنهن پنهنجي دور ۾ عام ماڻهن تان ٽئڪسن جو وزن گهٽ ڪرڻ سان گڏ رعايتون پڻ ڏنيون، صوبن ۽ مرڪز جي حقن جو نئين سر جائزو ورتو ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ انگريزي ۽ مقامي زبان جي حقن کي تسليم ڪيو ويو، جنهنڪري سندس سرڪار جي مڃتا ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. جڏهن بمبئي ميونسپل ترميمي ائڪٽ- 1884ع‘ ۽ ’بمبئي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ائڪٽجاري ٿيا ته هنن بلن ذريعي ڪراچيءَ ۾ به نامزد ماڻهن کانسواءِ چونڊيل عيوضي ميونسپل جو ڪاروبار سنڀالڻ وارا هئا. اصل ۾ هنن بلن جي جاري ٿيڻ ۽ ترميمن لاءِ سنڌ جي دانشورن گهڻو تحرڪ ورتو هو ۽ بلن جي نفاذ لاءِ ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ سڀا پنهنجي اخبارن سميت جدوجهد جو به اعلان ڪيو، پر گهڻي بحث مباحثي ۽ ترميم کانپوءِ اهو بل قانون ٿي ويو.
انهيءَ ئي سال (1884ع) جي آڪٽوبر مهيني ۾ ڪراچيءَ ۾ ’سنڌ سڀا‘ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اها تجويز ڏني وئي ته لارڊ رپن کي تعظيم ڏيندي سندس سنڌ ۾ شناخت پيدا ڪجي، جنهن جي حسن علي آفنديءَ سخت مخالفت ڪئي ۽ مسلمانن جي الڳ ’مجمع محمدي‘ نالي تنظيم ٺاهيائين، تنهن کانپوءِ تعظيم نامي جي ڪتابڙي جون هزارين ڪاپيون سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇاپي، سڄيءَ سنڌ ۾ صحيحون وٺڻ لاءِ موڪليون ويون، جنهن کي هڪ سفارتي وفد سميت لارڊ رپن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو.
سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن پهرين نومبر 1884ع تي ٿي، جنهن ۾ ’سنڌ سڀا‘ ڪوشش ورتي ته ڪي چڱا ماڻهو چونڊجي اچن ۽ اليڪشن ۾ ٿيندڙ سڀ خرابيون سنڌ سڀا اخبارن وسيلي ماڻهن تائين پهچايون. ڏيارام گدو مل پنهنجي سوانح حيات ۾ لکي ٿو ته، 11 ڊسمبر 1884ع تي اليڪشن جا نتيجا ظاهر ٿيا ته چڱا ماڻهو چونڊجي آيا ۽ سنڌ سڀا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وئي.
سنڌ جي هن پهرين سياسي تنظيم، سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ احتجاج ڪري انهن کي حل پڻ ڪرايو، جن ۾ جاگيرداري نظام ۽ شڪارپور جي ڪجهه زميندارن سان روينيو کاتي پاران ڏاڍاين خلاف آواز اُٿاريو ۽ ان کانسواءِ ڪراچي سٽي ڀرسان برانچ پوسٽ آفيس ۽ ٽيليگراف آفيس کولائڻ، ڪراچيءَ پورٽ ٽرسٽ بل پاس ڪرائڻ، جيڪو 1876ع ۾ ائڪٽ بڻيو، لينڊ روينيو ڪوڊ جي زرعي سڌارن سميت ترميم واري تحريڪ ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪن قبيلن جي لاقانونيت جي خاتمي جهڙن مسئلن خلاف آواز اُٿاريو. ان کانسواءِ سنڌ سڀا جو ڊي. جي سنڌ ڪاليج ٺاهڻ ۾ پڻ وڏو هٿ هو.
حسن علي آفنديءَ جي ڇڏي وڃڻ جي ڪري هن سياسي تنظيم ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪو فرق پيدا ٿيو، اهو اڳتي هلي سنڌ کي ٻن طبقن ۾ ورهائڻ جو سبب بڻيو. هڪڙي ڌر انڊين نئشنل ڪانگريس کي پسند ڪرڻ لڳي، جڏهن ته ٻيءَ ڌُر مسلم ليگ کي جيڪا اسلامي جمهوريه پاڪستان ٺهرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي هئي، تنهن کانپوءِ ڏيارام ڄيٺمل جي وفات بعد هيرانند اخبارن مان استعيفا ڏئي، 5 نومبر 1887ع تي حيدرآباد هليو ويو، جتي هن عورتن لاءِ رسالو ڪڍيو ۽ ’سنڌ هندو سڀا‘ ٺاهي، ’سنڌ سڀا‘ جي خاتمي جو اعلان ڪيو.


لفظ سنڌ سڀاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو